پٿورا پير ماڙي را ڌڻي
ٻالڪ اوستا
17/06/2009 15:59
سندس ماتا اوچ ڪل جي راجپوتڻ هئي. و سُشيل، پتورتا، سلڇڻي ۽ ڌرمست هئي. شاديءَ بعد ۱۲ سال اولاد لاءِ سڪايل هئي جنهنڪري سندس هردم هيڪاري ڪومل رهندو هو. وير مائٽن کي ئي اهڙا پتر پيدا ٿيندا آهن، سنت تلسيداس چيو آهي ته:
جنني جڻي تو هرجڻ جڻي داتا ڪا سور
نهن تو رهڻي وانجهڻي مت گائني نور
پٿورو جيئين وڏو ٿيندو ويو تيئن سندس دل جو لاڙو ڌڻي جي محبت ڏانهن ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري ساڌ سنگت، فقيرن ۽ درويشن جي ديدار لاءِ سدائين تڙپندو هو. ڪو ساڌو سنت پير فقير، اولياء يا درويش سندن ڳوٺ ۾ ايندو هو ته ان سان محبت وچان سندن خدمت ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڀرسان جي ڪنهن الله جي عاشقن جي ڏس پوندو هو ته اتي وڃي درشن ڪندا هئا. ظاهري علم ڪو نه پڙهيا، پر حقيقي علم حاصل ڪيائون ۽ ان جا سدائين ڳولا ۽ طالبو هئا. بيدل فقير فرمايو آهي
اکر ان دي وچ جوئي اڙيا
عشق جي چاڙهي مول نه چڙهيا
(”پير پٿورو شيوا منڊلي“ پاران ڇپايل ڪتابڙي ”شري پير پٿورو“ تان کنيل)
—————