پٿورا پير ماڙي را ڌڻي


پير صاحب جو ملتان وڃڻ

17/07/2009 16:14

پير پٿورو ڄمندي ئي ڄام هو. سندس اخلاق ۽ عادتون ننڍي هوندي کان ئي اهڙيون هيون جو سڀڪو کيس ڀائيندو هو ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو، ننڍپڻ کان ئي ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏيکارڻ لڳو، ننڍي ڇوڪر جا اهڙا اوچ اخلاق ڪرامتون ڏسي هر ڪو عجب ۾ پوندو هو ۽ ماڻهو سندس ماتا پتا کي مبارڪون ڏيندا هئا ته اوهين ڀاڳن وارا آهيو جو اهڙو سلڇڻو پٽ نصيب ٿيو آهي. ماءُ پيءُ ته ويتر وڌيڪ پيار جي نظر سان ڏسندا هئا، ڇاڪاڻ جو ڪيترن سالن جي سڪ پڄاڻا مس کين اولاد نصيب ٿيو هو سو به وري اهڙو سلڇڻو جو سڀڪو سندس ساراهه ڪندو هو
ان وقت ملتان شريف ۾ ”جناب“ حضرت پير غوث بهاوالدين صاحب رحمته الله عليه“ مشهور پير ۽ ولي هئا. چوڌاري ملڪن ۾ کيس ڪيترائي مريد هئا. اسان جي سنڌ ۾ به هزارين مريد هئس جي سال بسال گڏجي ٽوليون (جماعتون) ٺاهي خليفن جي هٿ هيٺ غوث صاحب جن جي زيارت تي ويندا هئا. ( اڄ تائين ويندا آهن) پٿوري جي سندن زيارت ڪرڻ تي ڏاڍي دل هئي پر ننڍي ڇوڪر لاءِ اڪيلو ملتان وڃڻ ڏکيو ڪم هو. اڄوڪي دور وانگر مسافريءَ جو سهولتون ڪو نه هيون. ڪڏهن ڪڏهن ڪيترائي ماڻهو گڏجي جماعتون ٺاهي ملتان شريف ويندا هئا. پٿورو به هميشهه اهڙي موقع جو ڳولائو هو ته ڪڏهن ڪا اهڙي جماعت ملي جنهن سان گڏجي وڃان. مولي٬ مشڪل ڪشا آهي. چيو اٿن ته ”سچي دل وارن سان صاحب ساڻي“ نيٺ هڪ ڏينهن اهڙو موقعو به آيو جو هڪ دفعي ڪيترائي غوٽ صاحب جن جا مريد (جن جي خليفن جا نالا راچي، جيڪس ڌناڻي، ابراهيم ناگوراڻي، ۽ ڇٽو بيکاري وغيره چوڻ ۾ اچن ٿا) جماعت ٺاهي ملتان ڏي غوث صاحب جن جي زيارت ڪرڻ ٿي ويا. اتفاق سان اهي اتان اچي لنگهيا جتي ماڏڻ رهندو هو، پٿوري کي جڏهن خبر پئي تڏهن وٽن ويو ۽ وينتي ڪيائين ته مون ئي به ساڻ وٺي هلو
اڳي نڪا هئي ريل گاڏي، نڪا موٽر يا لاري مسافري ٿيندي هئي اٺن ۽ گهوڙن تي يا پيادل، زيارتي فقيرن جون جماعتون هميشهه پيادل وينديون هيون. فقيرن ننڍو ڇوڪر ڏسي کيس چيو ته بابا ملتان هلڻ ڪو چرچو نه آهي انيڪ تڪليفون آهن، تون اهي برداشت ڪري ڪو نه سگهندين. تنهن ڪري اهو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ. پٿوري کين چيو، ته اوهان جيڪي ڳالهيون ڪريو ٿا انهن جي مون کي خبر آهي، پر ڪيتري وقت کان وٺي حضرت غوث صاحب جن جي تعريف ٻڌندو رهيو آهيان تنهنڪري ديدار ڪرڻ جو پڪو نشچو ڪيو اٿم، پر اهڙو ڪو ساٿ نٿي مليو، اڄ آئون پاڻ کي ڀاڳ وارو ٿو سمجهان جو مشاهدي ماڻڻ جو ههڙو سونهري وجهه مليو آهي، سو ڪيئن وڃايان
فقيرن سندس سچي سڪ ڏسي چيو ته وڃي مائٽن کان موڪل وٺي اچ ته پوءِ وٺي هلون. پٿوري وڃي ماءُ پيءُ کان موڪل گهري. ماڏڻ جي دل ۾ ته اڳيئي سچن سائين لوڪن لاءِ عزت هئي تنهن ڪري انڪار ڪو نه ڪيائين. پر ماءُ جي دل! سڪيلڌو پٽ، ننڍي اوستا ۽ مشڪل مسافري. کيس گهڻو ئي سمجهايائين پر پٿورو به پنهنجي تي ٿي بيٺو. ڀلا جنهن جي دل ۾ الاهي عشق اچي ديرو ڪيو هو سو ڪٿي اهڙيون ڳالهيون مڃي. آخر پٽ جو اٽل ارادو ڏسي ماءُ به کيس موڪل ڏني ۽ فقيرن سان گڏجي روانو ٿيو
واٽ هلندي جڏهن ڏينهن تتو تڏهن هڪ ڪڪر اڀ ۾ هن جماعت مٿان ڇايا ڪرڻ لڳو، اتي فقيرن پٿوري کي چيو ته ڏس اسان جي ڪهڙي نه سچي دل آهي جو خدائي ڇانوء اسان تي پيئي ٿي. خاطري ڪرڻي هجيئي ته تون اسان کان پري ٿي هل ته خبر پئجي وڃي. انهي تي پٿورو ڪجهه پويان هلڻ لڳو ته ڪڪر به مٿانئس هلڻ لڳو، تڏهن فقيرن ڄاتو ته مار! هي به ڪو پهچ وارو نينگر آهي، ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ سڀني کي اُڃ لڳي انهي تي پٿوري پرڀو کي پرارتني ڪئي، ڌڻي جي مهرباني سان يڪدم انهي ڪڪر مان مينهن وسڻ شروع ٿيو ۽ اهو پاڻي سڀني فقيرن پي اُڃ لاٿي ۽ پنڌ ڪندا اچي ملتان شريف پهتا

 

 

(”پير پٿورو شيوا منڊلي“ پاران ڇپايل ڪتابڙي ”شري پير پٿورو“ تان کنيل) 

—————

Back



lajpat Rai meghwar